عالم شاهه بخاري

عالم شاهه بخاري: مشهور تعليمدان عالم شاهه جو پورو نالو سيد محمد عالم ولد محمد بچل شاهه هو. سندس جنم 1913ع ڌاري مومل جي ماڙي، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ماٿيلي مان، انگريزي تعليم ديانند آرياڻي وديالو هاءِ اسڪول گهوٽڪيءَ مان، مئٽرڪ بمبئي يونيورسٽيءَ ۽ گريجوئيشن علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ هندستان مان حاصل ڪئي. ان کان سواءِ سي. ٽي. سي ۽ پي. ٽي. سي جا ڪورس اين. جي. وي اسڪول ۽ سنڌ يونيورسٽي ڪراچيءَ مان ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد ديانند آرياڻي وديالو هاءِ اسڪول گهوٽڪيءَ ۾ انگريزيءَ جو استاد مقرر ٿيو. بعد ۾ ڪيترن ئي اسڪولن جو هيڊماستر رهيو. هن شڪارپور ۾ تعلقي ڳڙهي ياسين جو بيٽ آفيسر، 1967ع ۾ خيرپور پريڪٽسنگ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج جو پرنسپال، گورنمينٽ ٽريننگ ڪاليج فارمين سکر جو پرنسپال به رهيو ۽ ڊسٽرڪٽ انسپيڪٽر آف اسڪولس روهڙيءَ طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنائين. عالم شاهه عربي، فارسي، انگريزي ۽ سنڌي زبانن تي دسترس رکندو هو. هن 1960ع ڌاري ٻارن جي تعليم لاءِ ڳوٺ ۾ هڪ مڊل اسڪول کولرايو. جنهن کي بعد ۾ هاءِ اسڪول جو درجو ڏنو ويو. هن حج جي سعادت پڻ حاصل ڪئي. سندس ڪيترائي مضمون رسالي ‘اخبار تعليم’ ۾ شايع ٿيندا رهيا. سندس لکيل هڪ ڪتاب انڊر فائنل جي نصاب۾ پڙهايو ويندو آهي. عالم شاهه بخاري 1984ع ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرام گاهه ميرپور ماٿيلي ۾ آهي.


لفظ عالم شاهه بخاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو